Friday, August 22, 2014

سنڌ بچايو – بر اعظم بچايو

Price: 200




 سنڌ بچايو   بر اعظم بچايو

ٻي مهاڀاري جنگ (45- 1939ع) کان پوءِ عالمي سطح تي سياست ۾ وڏيون تبديليون آيون. خاص طور تي ننڍي کنڊ جو ته نقشو ئي ڦري ويو. هر بااثر ڌر ڪوشش ۾ لڳي وئي ته ڪهڙي ريت تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو حاصل ڪجي! ڪن ڌرين مذهب جي آڙ ورتي ته ڪن ڌرين صوبن ۽ ثقافتن کي هٿيار بنايو ته ڪن وري طبقاتي مفادن جي ڪائونسل بنائي. اهڙين حالتن کي سندن صحيح تناظر ۾ پرکڻ لاءِ وڏي سوچ ۽ ويچار جي ضرورت هئي. اهڙي واٽ وٺڻ جي ضرورت هئي، جنهن سان پنهنجا قومي مفاد به حاصل ڪري سگهجن ته تاريخي وسيلن ۽ وجود کي به برقرار رکي سگهجي. اهڙين حالتن جي پسمنظر ۾ سنڌ جي سياست کي ڏسون ٿا ته عجيب ڀوائتا منظر سامهون اچن ٿا. البت ڪي اهڙا فرد به نظر اچن ٿا جن ان دور جي حالتن کي چڱي ريت پرکي ورتو هو ۽ هنن پنهنجي ڏاهپ سان اهڙا گس گهڙيا هئا، جن تي عمل ٿئي ها ته هوند سنڌ جو مقدر ئي ٻيو هجي ها!  اهڙن اورچ انسانن ۽ سجاڳ ذهنن ۾: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، مولانا عبيدالله سنڌي، الله بخش سومرو، حشو ڪيولرام ۽ دادا ڄٺمل پرسرام وغيره شامل هئا. جڏهن ته ليکڪن ۾ اسان کي هڪ ئي قداور شخصيت ملي ٿي: اها آهي محترم سائين محمد ابراهيم صاحب، جنهن حالتن جو نهايت گهرائي سان ڇيد ڪري، سماج جي سڀني پرتن کي هڪجيتري اهميت ڏيندي پنهنجي خودمختيار ۽ وسيلن سان ڀرپور آزاد وطن جي واٽ ڏسي، ته ڇاڇا ڪرڻ گهرجي. جنهن سان پنهنجي منزل به ملي ۽ ٻين جي دل آزاري به نه ٿئي. پاڻ به خوش رهون ۽ ٻين جي سک سانت ۾ سهڪاري ٿيون. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو: “سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين”.
جيئن ته سگهاريون ڌريون صرف حاڪماڻي ٻولي سمجهي سگهنديون هيون ۽ ان دور ۾ انگريزي ٻولي واحد وسيلو سمجهي ويندي هئي. انڪري سائين جوئي صاحب اهو ڪتاب “Save Sindh SavetheContinent” نالي لکيو، پر جيئن ته ان ۾ وڏا بحث ٿيل هئا، دليل ڏنل هئا،  جيڪي اثرائتين ڌرين کي نه ٿي وڻيا. ان ڪتاب ۾ تاريخ سان بحث ٿيل هو، حق ۽ سچ جو اظهار ٿيل هو، جيڪو سامراجي قوتن کي ڏکيو ٿي لڳو. انڪري ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ ٻن ٽن مهينن اندر بندش وڌي ويئي. ان جون ممڪن حد تائين ڪاپيون گم ڪيون ويون ته جيئن سنڌ جي سگهاري آواز کي ڪو ٻڌي نه سگهي!
حقيقت اها آهي ته اسان جي مانواري ڏاهي سائين ابراهيم جوئي جيڪي تلخ حقيقتون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ بيان ڪيون هيون، سي اڄ به ساڳيون آهن. اڄ به اُهي اڃا وڌيڪ ڀوائتي شڪل ۾ زهر اوڳاڇي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته سچ هميشه ساڳيو رهندو آهي. انهيءَ سچ کي سمجهڻ ۽ پرجهڻ جي  ضرورت آهي. انهيءَ سوچ کي سامهون رکندي، اسان مٿي ذڪر ڪيل سائين جوئي صاحب جي ڪتاب جو ترجمو شايع ڪري رهيا آهيون.
ان تاريخي دستاويز ۽ شاهڪار ڪتاب جو ترجمو سنڌ جي سڄاڻ ذهن ۽ هاڪاري ڪردار جي مالڪ محترم سائين امان الله شيخ صاحب پنهنجي دلچسپي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ ڪيو آهي. شيخ صاحب جي ترجمي جي تعريف نه ڪرڻ مون لاءِ پاپ برابر آهي، جو اهڙو تُز ترجمو، سهڻي ۽ محاوري واري ٻوليءَ ۾ مون گهٽ پڙهيو آهي.
ان سان گڏ، سائين امان الله شيخ هڪ سجاڳ ۽ ذميوار فرد طور ان دور ۽ موضوع سان لاڳاپيل ٻيون اهم رپورٽون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن، جيڪي ان تاريخي دستاويز کي هٿي وٺرائين ٿيون. نه صرف ايترو پر شيخ صاحب 1947 کان پوءِ اڄ تائين، جن امڪاني مصيبتن ۽ هچائن جو ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جي اصل صورت ۽ ساڳين سگهارين ڌرين پاران جيڪي وڌيڪ هاڃيڪار وارداتون ٿيون آهن ۽ ڏتڙيل ماڻهن سان جيڪي وئل وهائيا ويا آهن، انهن کي به ساڳي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جنهن سان هڪ طرح سنڌ سان لاڳاپيل پوري صديءَ جي سياسي تاريخ قلمبند ٿي وڃي ٿي.
ادارو، مانواري سائين محمد ابراهيم جوئي سان گڏ سائين امان الله شيخ جو پڻ نهايت ٿورائتو آهي، جنهن وڏا ڀال ڀلائي اهڙو تاريخي دستاويز اسان جي حوالي ڪري، اداري جو مانُ وڌايو آهي.

                                                                                                                                ڊاڪٽر آفتاب ابڙو