Friday, August 22, 2014

سنڌ بچايو – بر اعظم بچايو

Price: 200




 سنڌ بچايو   بر اعظم بچايو

ٻي مهاڀاري جنگ (45- 1939ع) کان پوءِ عالمي سطح تي سياست ۾ وڏيون تبديليون آيون. خاص طور تي ننڍي کنڊ جو ته نقشو ئي ڦري ويو. هر بااثر ڌر ڪوشش ۾ لڳي وئي ته ڪهڙي ريت تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو حاصل ڪجي! ڪن ڌرين مذهب جي آڙ ورتي ته ڪن ڌرين صوبن ۽ ثقافتن کي هٿيار بنايو ته ڪن وري طبقاتي مفادن جي ڪائونسل بنائي. اهڙين حالتن کي سندن صحيح تناظر ۾ پرکڻ لاءِ وڏي سوچ ۽ ويچار جي ضرورت هئي. اهڙي واٽ وٺڻ جي ضرورت هئي، جنهن سان پنهنجا قومي مفاد به حاصل ڪري سگهجن ته تاريخي وسيلن ۽ وجود کي به برقرار رکي سگهجي. اهڙين حالتن جي پسمنظر ۾ سنڌ جي سياست کي ڏسون ٿا ته عجيب ڀوائتا منظر سامهون اچن ٿا. البت ڪي اهڙا فرد به نظر اچن ٿا جن ان دور جي حالتن کي چڱي ريت پرکي ورتو هو ۽ هنن پنهنجي ڏاهپ سان اهڙا گس گهڙيا هئا، جن تي عمل ٿئي ها ته هوند سنڌ جو مقدر ئي ٻيو هجي ها!  اهڙن اورچ انسانن ۽ سجاڳ ذهنن ۾: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، مولانا عبيدالله سنڌي، الله بخش سومرو، حشو ڪيولرام ۽ دادا ڄٺمل پرسرام وغيره شامل هئا. جڏهن ته ليکڪن ۾ اسان کي هڪ ئي قداور شخصيت ملي ٿي: اها آهي محترم سائين محمد ابراهيم صاحب، جنهن حالتن جو نهايت گهرائي سان ڇيد ڪري، سماج جي سڀني پرتن کي هڪجيتري اهميت ڏيندي پنهنجي خودمختيار ۽ وسيلن سان ڀرپور آزاد وطن جي واٽ ڏسي، ته ڇاڇا ڪرڻ گهرجي. جنهن سان پنهنجي منزل به ملي ۽ ٻين جي دل آزاري به نه ٿئي. پاڻ به خوش رهون ۽ ٻين جي سک سانت ۾ سهڪاري ٿيون. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو: “سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين”.
جيئن ته سگهاريون ڌريون صرف حاڪماڻي ٻولي سمجهي سگهنديون هيون ۽ ان دور ۾ انگريزي ٻولي واحد وسيلو سمجهي ويندي هئي. انڪري سائين جوئي صاحب اهو ڪتاب “Save Sindh SavetheContinent” نالي لکيو، پر جيئن ته ان ۾ وڏا بحث ٿيل هئا، دليل ڏنل هئا،  جيڪي اثرائتين ڌرين کي نه ٿي وڻيا. ان ڪتاب ۾ تاريخ سان بحث ٿيل هو، حق ۽ سچ جو اظهار ٿيل هو، جيڪو سامراجي قوتن کي ڏکيو ٿي لڳو. انڪري ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ ٻن ٽن مهينن اندر بندش وڌي ويئي. ان جون ممڪن حد تائين ڪاپيون گم ڪيون ويون ته جيئن سنڌ جي سگهاري آواز کي ڪو ٻڌي نه سگهي!
حقيقت اها آهي ته اسان جي مانواري ڏاهي سائين ابراهيم جوئي جيڪي تلخ حقيقتون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ بيان ڪيون هيون، سي اڄ به ساڳيون آهن. اڄ به اُهي اڃا وڌيڪ ڀوائتي شڪل ۾ زهر اوڳاڇي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته سچ هميشه ساڳيو رهندو آهي. انهيءَ سچ کي سمجهڻ ۽ پرجهڻ جي  ضرورت آهي. انهيءَ سوچ کي سامهون رکندي، اسان مٿي ذڪر ڪيل سائين جوئي صاحب جي ڪتاب جو ترجمو شايع ڪري رهيا آهيون.
ان تاريخي دستاويز ۽ شاهڪار ڪتاب جو ترجمو سنڌ جي سڄاڻ ذهن ۽ هاڪاري ڪردار جي مالڪ محترم سائين امان الله شيخ صاحب پنهنجي دلچسپي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ ڪيو آهي. شيخ صاحب جي ترجمي جي تعريف نه ڪرڻ مون لاءِ پاپ برابر آهي، جو اهڙو تُز ترجمو، سهڻي ۽ محاوري واري ٻوليءَ ۾ مون گهٽ پڙهيو آهي.
ان سان گڏ، سائين امان الله شيخ هڪ سجاڳ ۽ ذميوار فرد طور ان دور ۽ موضوع سان لاڳاپيل ٻيون اهم رپورٽون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن، جيڪي ان تاريخي دستاويز کي هٿي وٺرائين ٿيون. نه صرف ايترو پر شيخ صاحب 1947 کان پوءِ اڄ تائين، جن امڪاني مصيبتن ۽ هچائن جو ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جي اصل صورت ۽ ساڳين سگهارين ڌرين پاران جيڪي وڌيڪ هاڃيڪار وارداتون ٿيون آهن ۽ ڏتڙيل ماڻهن سان جيڪي وئل وهائيا ويا آهن، انهن کي به ساڳي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جنهن سان هڪ طرح سنڌ سان لاڳاپيل پوري صديءَ جي سياسي تاريخ قلمبند ٿي وڃي ٿي.
ادارو، مانواري سائين محمد ابراهيم جوئي سان گڏ سائين امان الله شيخ جو پڻ نهايت ٿورائتو آهي، جنهن وڏا ڀال ڀلائي اهڙو تاريخي دستاويز اسان جي حوالي ڪري، اداري جو مانُ وڌايو آهي.

                                                                                                                                ڊاڪٽر آفتاب ابڙو









Saturday, May 10, 2014

وقت چوي آءُ بادشاهه


ڪتاب بابت


”وقت چوي آءُ بادشاهه“ محترم الطاف حسين قادري جو ترجمو ڪيل دردن جو هڪ داستان آهي، جيڪو اصل اردو ۾ خواجه حسن نظامي ”بيگمات کے آنسو“ جي نالي سان تخليق ڪيو هو.  الطاف قادري صاحب اهو ڪتاب اڄ کان اٽڪل 60 سال اڳ ترجمو ڪيو هو، پر سندس اڻٽرين مجبورين ۽ مصروفيتن سبب ڪتاب شايع ٿي نه سگهيو.
مغلن جي آخري تاجدار بهادر شاهه ظفر جو سڄو نالو ابو ظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه عرف مرزا ابن هو ۽ جنهن کي انگريزن جي عيوضي ٿامس مٽڪاف 30 سيپٽمبر 1837ع تي هندستان جي تخت تي ويهاريو. پر سندس حڪومت 1854ع تائين فقط دهلي شهر تائين وڃي رهي. بادشاهه قرض ۾ وٺجي ويو هو ۽ مختلف عهدن تي نذرانا وٺي عملدار مقرر ڪندو هو جيئن اڄڪلهه ٿي رهيو آهي. قرض ڏيندڙ، شهزادن کي رستي تي ذليل ۽ خوار ڪندا هئا، پر بادشاهه سلامت جا ٺٺ ۽ ٺانگر ۽ شاهه خرچين کي ڪو انت نه آيو ۽ آخرڪار کيس بادشاهت تان لاهي رنگون ۾ قيد رکيو ويو. بادشاهه جي محل ڇڏڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيتريون ئي شهزاديون ۽ شهزادا محل مان ڀڄي نڪتا، ساڻن ڇا وهيو واپريو تنهن جو احوال اسان کي هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. پري ڇو وڃون. اسان پنهنجي ئي دور تي نظر وجهون ته ايران جو بادشاهه رضا شاهه پهلوي ايران ۾ خميني جي انقلاب وقت ڪهڙي ريت خوار ٿي نڪتو. لبيا جو معمر قذافي، مصر جو حسني مبارڪ، عراق جو صدام حسين، اهي سڀ اڄوڪيون ڳالهيون آهن، جديد دور جون جنهن ۾ حاڪمن سان پنهنجن توڙي پراون ڪهڙي هلت هلي؟ اهي سڀ عبرتناڪ سبق آهن، جنهن مان اڍنگي هلت هلندڙن جي عبرتناڪ انت جو پروڙ ملي ٿي.

ههڙي قسم جي ڪتابن جي اشاعت اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي، ان ڪري قادري صاحب جو هي ڪتاب ”وقت چئي آءُ بادشاهه“ شايع ڪري، اسان نه صرف پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، پر ان سان گڏ خوشي به محسوس ڪري رهيا آهيون ته پڙهندڙن کي ڪافي وقت کان پوءِ ئي سهي ننڍي کنڊ جي تاريخ جي هڪ اهم باب بابت هڪ بهترين ڪتاب پيش ڪري رهيا آهيون.
ڪتاب جي مسودي لاءِ، اسان ‘قادري قلم قبيلي’ جي معزز ميمبرن جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون. محترم سائين پروفيسر سليم ميمڻ صاحب جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ اسان جي اداري جو روح روان به آهي، سندس حڪم پٽاندڙ ان قلم قبيلي جا بهترين ڪتاب پڙهندڙن تائين پڄائڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين. لک لائق محترم سائين سليم ميمڻ صاحب جا جن وڏا وڙ ڪري، ههڙا املهه ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب اسان سان متعارف ڪرايا. ان سان گڏ، ڪتاب جي هر مرحلي جي پاڻ نگراني ڪئي، ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي ويئي هجي ته اها اسان جي عملي جي بي ڌياني سمجهڻ گهرجي، جنهن کي ايندڙ ايڊيشن ۾ درست ڪيو ويندو.


Friday, May 2, 2014

سوئي راحت روح جي

Price: 250
Contact: 0300-2152634

هن ڪتاب بابت

پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جڏهن هي مسودو کڻي آيو ته  خوشي ٿي، جو “پريان سندي پار جو سفر نامو” يا حج جي ڊائري آهي. ان کي سنڌي زبان ۾ لکي پنهنجي من اندر پيدا ٿيل هُٻڪار کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش آهي. راولاڻي صاحب جي هي سعادت جو سفر نامو هڪ رهنما ڪتاب به آهي؛ جيڪو حج جي پانڌيئڙن لاءِ سهڻو سونهون ثابت ٿيندو. هن سفرنامي ۾ ملير کان مڪي مديني ۽ وري واپس ملير تائين جيڪي گهڙيون هن مبارڪ سفر ۾ پاڻ گذاريون آهن، اُهي زندگيءَ جو حاصل آهن. مصنف ڪوشش ڪئي آهي ته سفر نامي کي دعائن، التجائن، قرآني آيتن ۽ رسول پاڪ صلعم جي فرمانن سان گڏ سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعرن سان به ڀيٽا ڏني اٿس. جنهن سان هن سفرنامي ۾ هڪ نواڻ آئي آهي. ڪتاب جي شروع ۾ نبي صه سائين جي مبارڪ زندگيءَ جي سفر جا سال، سال جا مختصر احوال پڻ ڏنا ويا آهن. ۽ حج بابت قرآني احڪام پڻ بيان ڪيا اٿس.




سفر زندگيءَ جو

Price: Rs: 500
Contact: 0300-2152634


هن ڪتاب بابت
  
 سال 1927 ۾ منهنجي دل ۾ قدرتاً خيال گذريو ته هڪ اهڙو ياد گار ڪتاب لکيو وڃي، جنهن ۾ چيده چيده خط، مضمون ۽ دل وڻندڙ شعر درج ڪيا وڃن. انهيءَ خيال تي هي ڪتاب مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ شروع ۾ ته ٿورا صفحا هئا پر پوءِ رفته رفته جيئن مضامين ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن هن ۾ به پنا وڌندا ويا. اها ڳالهه ڪتاب جي ڏسڻ مان ئي ثابت ٿي سگهندي. تاريخ 1 جنوري 1964 تي پنهنجي حالات زندگي متعلق لکڻ جو خيال آيو، چناچه اهو مضمون سفر زندگي“ جي نالي سان شروع ڪيو ويو هو، اهو به هن ۾ درج آهي، اگرچه اهو مڪمل ٿي نه سگهيو. پر هيءَ اميد رکان پيوته انشاءَ الله اهو لکي مڪمل ڪندس. شل خدا سائين ان ۾ ڪاميابي ڏئي.  

ون يونٽ ۽ سنڌ

Price Rs: 800
Contact: 0300-2152634
هن ڪتاب بابت

ون يونٽ هڪ تمام وڏو داستان آهي. انهيءَ جدوجهد ۾ جن ماڻهن ويڙهه کاڌي، انهن جو تفصيل به ڊگهو آهي. ان سموري تفصيل کي بهتر طريقي سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي ــ مثال طور ان دور جي سنڌي اخبارن ڇا لکيو؟ قومي ۽ مغربي پاڪستان اسيمبلين ۾ ڪوئي مرد مجاهد هو، جنهن سنڌ لاءِ، سنڌ جي مسئلن لاءِ ٻه چار اکر ڳالهايا؟ اهو سڀ ڪجهه لکت ۾ اچڻ گهرجي. ون يونٽ خلاف محترم جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪيترا اڳواڻ جدوجهد هلائڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ايوب خان جي آخري دور ۾ پيريءَ ۾ مچ جيل موڪليو ويو. هن تحريڪ ۾ سنڌي اديبن جيڪو شاندار ڪردار نڀايو، اهو سنڌ جي تاريخ جو شاندار باب آهي. انهن ٻنهي ڳالهين جي اهميت ۽ افاديت کان ڪنهن به طرح سان انڪار ممڪن ڪونهي. ون يونٽ جي تاريخ لکڻ وقت جي هڪ وڏي ضرورت آهي. پروفيسر اعجاز قريشي ون يونٽ بابت ڪتاب ”ون يونٽ ۽ سنڌ“ لکي ۽ مرتب ڪيو آهي.




ٻه فڪري ڪتاب

Price 200
Contact: 0300-2152634


هن ڪتاب بابت

هي ٻئي فڪري “غدري سورما” ۽ “انقلابن جي تاريخ” ڪتابچا ان دور جا ساکي آهن جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ برطانوي شهنشاهيت جي جهنڊي تان سج لهي رهيو هو ۽ اپکنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي مڪمل جوهر ۽ جمال سان هلي رهي هئي ۽ برطانوي شهنشاهيت جي موڪلاڻي جو دور دوران هو. عالمي سطح تي ٻه سپر پاور يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا (يو ايس اي) ۽ يونين آف سوشلسٽ سويت ريپبليڪس آف رشيا (يو ايس ايس آر) هڪ ٻئي جي سامهون بيٺل هئا. ان حوالي سان محترم امان الله شيخ جو هي ڪتاب هر سنڌي نوجوان ۽ ساڃاهه وند کي پڙهڻ گهرجي.