Saturday, May 10, 2014

وقت چوي آءُ بادشاهه


ڪتاب بابت


”وقت چوي آءُ بادشاهه“ محترم الطاف حسين قادري جو ترجمو ڪيل دردن جو هڪ داستان آهي، جيڪو اصل اردو ۾ خواجه حسن نظامي ”بيگمات کے آنسو“ جي نالي سان تخليق ڪيو هو.  الطاف قادري صاحب اهو ڪتاب اڄ کان اٽڪل 60 سال اڳ ترجمو ڪيو هو، پر سندس اڻٽرين مجبورين ۽ مصروفيتن سبب ڪتاب شايع ٿي نه سگهيو.
مغلن جي آخري تاجدار بهادر شاهه ظفر جو سڄو نالو ابو ظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه عرف مرزا ابن هو ۽ جنهن کي انگريزن جي عيوضي ٿامس مٽڪاف 30 سيپٽمبر 1837ع تي هندستان جي تخت تي ويهاريو. پر سندس حڪومت 1854ع تائين فقط دهلي شهر تائين وڃي رهي. بادشاهه قرض ۾ وٺجي ويو هو ۽ مختلف عهدن تي نذرانا وٺي عملدار مقرر ڪندو هو جيئن اڄڪلهه ٿي رهيو آهي. قرض ڏيندڙ، شهزادن کي رستي تي ذليل ۽ خوار ڪندا هئا، پر بادشاهه سلامت جا ٺٺ ۽ ٺانگر ۽ شاهه خرچين کي ڪو انت نه آيو ۽ آخرڪار کيس بادشاهت تان لاهي رنگون ۾ قيد رکيو ويو. بادشاهه جي محل ڇڏڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيتريون ئي شهزاديون ۽ شهزادا محل مان ڀڄي نڪتا، ساڻن ڇا وهيو واپريو تنهن جو احوال اسان کي هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. پري ڇو وڃون. اسان پنهنجي ئي دور تي نظر وجهون ته ايران جو بادشاهه رضا شاهه پهلوي ايران ۾ خميني جي انقلاب وقت ڪهڙي ريت خوار ٿي نڪتو. لبيا جو معمر قذافي، مصر جو حسني مبارڪ، عراق جو صدام حسين، اهي سڀ اڄوڪيون ڳالهيون آهن، جديد دور جون جنهن ۾ حاڪمن سان پنهنجن توڙي پراون ڪهڙي هلت هلي؟ اهي سڀ عبرتناڪ سبق آهن، جنهن مان اڍنگي هلت هلندڙن جي عبرتناڪ انت جو پروڙ ملي ٿي.

ههڙي قسم جي ڪتابن جي اشاعت اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي، ان ڪري قادري صاحب جو هي ڪتاب ”وقت چئي آءُ بادشاهه“ شايع ڪري، اسان نه صرف پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، پر ان سان گڏ خوشي به محسوس ڪري رهيا آهيون ته پڙهندڙن کي ڪافي وقت کان پوءِ ئي سهي ننڍي کنڊ جي تاريخ جي هڪ اهم باب بابت هڪ بهترين ڪتاب پيش ڪري رهيا آهيون.
ڪتاب جي مسودي لاءِ، اسان ‘قادري قلم قبيلي’ جي معزز ميمبرن جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون. محترم سائين پروفيسر سليم ميمڻ صاحب جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ اسان جي اداري جو روح روان به آهي، سندس حڪم پٽاندڙ ان قلم قبيلي جا بهترين ڪتاب پڙهندڙن تائين پڄائڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين. لک لائق محترم سائين سليم ميمڻ صاحب جا جن وڏا وڙ ڪري، ههڙا املهه ڪتاب ۽ صاحب ڪتاب اسان سان متعارف ڪرايا. ان سان گڏ، ڪتاب جي هر مرحلي جي پاڻ نگراني ڪئي، ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي ويئي هجي ته اها اسان جي عملي جي بي ڌياني سمجهڻ گهرجي، جنهن کي ايندڙ ايڊيشن ۾ درست ڪيو ويندو.


No comments:

Post a Comment